پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن پ ٽ الف

پرائمري ٽيچرس ائسوسيئيشن (پ. ٽ. الف): استادن جي اڳواڻ مرحوم جان محمد جماليءَ 28 نومبر 1951ع تي پ. ٽ. الف جو بنياد رکيو. قيام پاڪستان کانپوءِ هيءَ سنڌ جي پرائمري استادن جي پهرين سنڌ سطح جي جماعت آهي، جنهن کي رجسٽرڊ ڪرايو ۽ 29 نومبر 1951ع تي ان وقت جي ڊائريڪٽر آف پبلڪ انسٽرڪشن هن تنظيم کي تعليم کاتي طرفان منظور ڪري ورتو. ان سڄي جاکوڙ جو سهرو جان محمد جمالي تي سِرَ تي رهيو جنهن کي ان تنظيم جو باني صدر چونڊيو ويو. هو صاحب هن تنظيم جو شروع کان وٺي وفات (26 آڪٽوبر 1974ع) تائين صدر رهيو. سندس صدارت جي دؤر ۾ الهرکيو کهاوڙ (گهوٽڪي)، شرف الدين شاهه (تلهار)، جناب مخدوم عبدالرحمان (بوبڪ)، محمد يونس ڀُٽي (لاڙڪاڻو)، سيد اڪبر (دڙو، ٺٽو) ۽ قربان علي ٽانوريءَ (ڪنڊيارو)، جنرل سيڪريٽريءَ طور ڪم ڪيو.
1952ع ۾ جمالي صاحب جي اڳواڻيءَ ۾ هڙتال ڪرائي، استادن جي پگهارن ۾ واڌ جي گهر ڪئي. ان هڙتال جي شدت کي محسوس ڪندي، ان وقت جي گورنر دين محمد شيخ آل پارٽيز ڪانفرنس گهرائي جنهن ۾ محمد ايوب کهڙو، قاضي فضل الله،شيخ عبدالمجيد سنڌي'> شيخ عبدالمجيد سنڌي، حيدر بخش جتوئي، قاضي محمد اڪبر، عبدالفتاح ميمڻ، مير خان جمالي'>جعفر خان جمالي، مير غلام علي ٽالپر، خانبهادر غلام محمد وساڻ، پير علي محمد راشدي، پير الاهي بخش، ڪامريڊ عبدالقادر، غلام رسول جتوئي، گل محمد شاهه، پير محمد چنا، يار محمد ٽانوري ۽ ٻين شرڪت ڪئي ۽ استادن جي بنيادي پگهار ۾ اضافي جا مطالبا سرڪار منظور ڪري ورتا. ان کانپوءِ ٻيو ڀيرو سيپٽمبر 1970ع ۾ قائداعظم جي مزار تي پنجن هزارن کان مٿي پرائمري استادن جان محمد جمالي جي اڳواڻيءَ ۾ ڌرڻو هنيو. ٻئي ڏينهن تي گورنر رخمان گل استادن جي وفد سان ڳالهيون ڪيون ۽ سندن مطالبا منظور ڪيا. ان ڌرڻي ۾ جاتي تعلقي جي هڪ استادياڻي راڻي ٻائي عورتن جي نمائندگي ڪئي هئي. جماعت طرفان کيس ”قائد استاد“ جو خطاب ڏنو ويو. آڪٽوبر 1972ع ۾ هن تنظيم خيرپور ميرس ۾ اوستي در محمد، وزير تعليم اڳيان هڪ جلسي ۾ پنهنجا مطالبا رکيا ۽ جنوري 1973ع ۾ سرڪٽ هائوس حيدرآباد ۾ پ. ٽ. الف جي هڪ دؤر ۾ سنڌ جي تعليم خلاف شريف ڪميشن جي سازش کي هن جماعت ننديو ۽ سنڌ جي اديبن ۽ استادن گڏجي سنڌي تعليم کي ٽئين ڪلاس تائين محدود ڪرڻ وارو فيصلو 1962ع ۾ رد ڪرايو. استادن ڪيترا سيمينار به ڪرايا. وفد جان محمد جماليءَ جي اڳواڻي ۾ سنڌ جي اڳوڻي وزيراعليٰ ممتاز علي ڀُٽي سان ڳالهيون ڪري استادن جا مطالبا مڃرايا.
پ. ٽ. الف جو هي دؤر جان محمد جماليءَ جي وفات سبب 26 آڪٽوبر 1974ع تي پورو ٿيو. بعد ۾ الهرکيي بلوچ پ. ٽ، الف جي ٻئي صدر جي حيثيت سان واڳون سنڀاليون. هن فوري طور سڄي سنڌ جو هنگامي دورو ڪري سنڌ جي پرائمري استادن کي منظم ڪيو. 1975ع ۾ استادن جي حقن جي تحريڪ شروع ٿي ۽ استادن جي مطالبن جي مڃتا لاءِ هڙتال ڪئي ۽ وزيراعليٰ سنڌ غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ استادن جا معاملا نبيري هڙتال ختم ڪرائي. 13 جولاءِ 1993ع تي الهرکئي بلوچ وفات ڪئي. جماعت جو ٽيون صدر قربان علي ٽانوري ۽ جنرل سيڪريٽري محمد سجاول خاصخيلي مقرر ٿيو. قربان علي ٽانوريءَ جي دؤر ۾ ضياءِ الحق جي مارشل لا سبب سڄيءَ سنڌ لاءِ ڪارو دؤر هو. ملڪ جو آئين ۽ شهرين جا بنيادي حق معطل هئا. پر ٽانوريءَ ان ڪاري دؤر ۾ تنظيم کي متحد رکيو ۽ مارشل لا جي قانون هيٺ سزا کاڌل پرائمري استادن جو دفاع ڪيو. هن جي قيادت ۾ استادن 1981 ع ۾ تحريڪ هلائي، جيڪا سرڪار سان ڳالهين بعد فوري ختم ٿي. قربان علي ٽانوري ڊسمبر 1981ع ۾ سيوهڻ ۾ تنظيم جون چونڊون ڪرايون. هيءَ تنظيم جي باقاعدي پهرين چونڊ هئي، جنهن ۾ جنرل سيڪريٽري قادر بخش طالباڻي وڏيءَ اڪثريت سان ڪامياب ٿيو. باقي صدارت جي چونڊ جو نتيجو (جيڪو قربان علي ٽانوري ۽ عبدالرحيم جتوئيءَ جي وچ ۾ هو) چيئرمين جي ڪيل فيصلي سبب تضاد ۾ اچي ويو ۽نيٺ ڇهه مهينا قربان ٽانوري ۽ ڏيڍ سال عبدالرحيم جتوئيءَ کي صدارت جو عهدو ڏنو ويو. ان دوران قربان ٽانوريءَ تي فالج جو حملو ٿيو ۽ هن 4 اپريل 1982ع تي سول اسپتال حيدرآباد ۾ وفات ڪئي. مرحوم قربان ٽانوريءَ جي وفات کانپوءِ جماعت جو چوٿون صدر (جيڪو سينئر نائب صدر هو) عبدالرحيم جتوئي ٿيو. هن پنهنجي عهدي تي 5 اپريل 1982ع کان ڪم شروع ڪيو ۽ سال 1984ع، 1987ع ۽ 1990ع وارين ٽنهي چونڊن ۾ صدر رهيو.
هن پ ٽ الف جي پليٽ فارم تان استادن جي ڀلائي لاءِ پتوڙيو. سندس دؤر ۾ پ ٽ الف جي مرڪزي هيڊ آفيس حيدرآباد ۾ خريد ڪري بڻائي وئي، جا اڄ تائين قائم آهي. عبدالرحيم جتوئيءَ جي صدارت جو عهدو 8 مئي 1994ع تي ختم ٿيو ۽ هن تعليم کاتي مان 16 ڊسمبر 1994ع تي رٽائر ڪيو. 9 مارچ 2002ع تي وفات ڪيائين. 28 آگسٽ 1994ع تي پنجون صدر قادر بخش طالباڻي چونڊجي آيو. جيڪو مدي پوري ٿيڻ کان اڳ 1996ع ۾ نئين سِر ڪرايل چونڊن ۾ چونڊيو ويو ۽ 1999ع تائين صدر رهيو ۽ کاتي مان به 31 ڊسمبر 1999ع ۾ رٽائر ڪيائين.
هن جي صدارت جي دؤر دوران سنڌ جي پنجن هزارن استادن جي پي ٽي سي ۽ سي ٽي جي روڪيل رزلٽ ظاهر ڪرائي وئي، هر استاد کي هڪ ٻن اضافن جو فائدو مليو. 1999ع ۾ پ ٽ الف جي آفيس ڪراچيءَ ۾ به خريد ڪئي وئي. جنوري 2000ع کان جماعت جو ڇهون صدر انتظار ڇلگري چونڊجي آيو. هن جي دؤر ۾ به استادن کي ڪيترا مالي ۽ انتظامي فائدا مليا. جماعت جو ستون صدر محمد رفيق جروار 2003ع کان ٻه ڀيرا چونڊيو ويو. جيڪو اڄ تائين تنظيم جو صدر آهي. هن جي ايامڪاري ۾ استادن لاءِ مالي ۽ انتظامي فائدا حاصل ڪيا ويا. خاص ڪري تازو هن وڏي جدوجهد هلائي استادن لاءِ ٽائيم اسڪيل ۽ ٽيچنگ الائونس حاصل ڪيو ويو آهي. پ. ٽ. الف جو شمار سنڌ جي چند منظم استادن جي تنظيمن ۾ ٿئي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو